شِلي بٺي

شِلي بٺي (ماڳ): تعلقي ٿاڻي بولا خان جي ديهه ريڪ، تپي مول ۾ هڪ ننڍو ڪوٽيرو ڳوٺ فيضو باريجي جي ڀرسان آهي. هي ننڍڙي اڏاوت آهي، جنهن کي ‘سند’ به چوندا آهن. هن اڏاوت کي اتر ۾ لنگهه آهي. هيءُ ماڳ چورس رٿا ۾ 9.3X59.35 (ڊيگهه ويڪر) ميٽرن جو آهي. هن جون ديوارون ڏيڍ ميٽر کان ٻه ميٽر اُوچيون آهن. هن ڪوٽيري سان لڳ ئي اوائلي پاهڻي زماني جي ماڳ، شلي ڍوري سان لڳ هڪ بٺي آهي، جنهن تي چقمقي پٿرن جا گهڙيل ٽُڪرا جهجهي انداز ۾ پيل آهن. هن بٺيءَ جي اوڀر واري لاهيءَ تي 125 ميٽرن جي پکيڙ ۾ چقمقي پٿرن جا گهڙيل ٽڪر هتان جي قديم شڪاري دور جي ماڻهن جي سرگرمي ڏيکارين ٿا. شلي بٺيءَ جي پاڙ ۾ اوڀر طرف پٿرن جي اڪير واريون قبرون آهن. هن مقام کي ‘عاقلاڻي’ مقام ڪري سڏين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو